ٽرپوري لڪ

ٽر پوري لڪ: تعلقي جوهي ضلعي دادوءَ ۾ جوهيءَ جي اولهه ۾ کيرٿر جبل جي ڏکڻ واري پڇڙيءَ وٽ، پٻ جبل جون قطارون شروع ٿين ٿيون. قافلي وارن کي پٻ جبل مان لنگهي سرونا ماٿريءَ ۾ داخل ٿيڻو پوندو آهي. سرونا ماٿري سمنڊ جي سطح کان هڪ هزار فوٽ اوچي آهي. ان جي اولهه ۾ کڏي جبلن جي قطار آهي. انهن جبلن جي قطار ۾ هڪ سولو ۽ سهنجو لڪ آهي، جنهن جو نالو ’ٽري پوري لڪ‘ آهي. هن لڪ کي ”حب ماٿريءَ جو دروازو“ به سڏيو ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو